گڏيل قومون-29 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ميرو سلاوجينڪا قب??ص جي صدر نيڪوس ڪرسٽو ڊولائڊس ۽ ترڪ قبرص اڳواڻ ايرسن تاتار سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن جو مقصد تعطل جو شڪار قبرص امن ڳالهين کي ??يهر شروع ڪرڻ آهي. چين جي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي هدايت تي يورپ، وچ ايشيا ۽ آمريڪا لاءِ گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل قب??ص جي صدر ۽ ترڪ قبرصي اڳواڻ سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي. قب??ص جي صدر سان ملاقات بعد اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل ٻيٽ جي صورتحال تي پورو ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته مون قب??ص جي صدر سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل قب??ص جي مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ مدد ڪندس. ايرسن تاتار سان ملاقات بعد اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ گڏيل طور تي سمورن ماڻهن جي فائدي لاءِ امن ڳالهيون بحال ٿينديون.
گڏيل قومون قبرص امن ڳالهيون بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ن آهن: ميرو سلاوجينڪا
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina