جده -31 جولاءِ (اي پي پي) اسلا??ي تعاون تنظيم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه سان ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪي راس??وس?? ٽيليفون تي ??ابطو ڪيو. ٽيليفونڪ گفتگو دوران سيڪريٽري جنرل او آءِ سي اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي قرآن پاڪ۽ اسلامي نشانن جي بي حرمتي ??ي بار بار ٿيندڙ واقعن تي ??نظيم جي ميمبر ملڪن طرفان خدشن جو اظهار ڪوي. سعودي خابرو ايجنسي مطابق سيڪريٽري جنرل ڊينمارڪ جي عملدارن تي ??ور ڀريو ته هو اهڙي طرح جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کڻن. ان موقعي تي ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير ان ڳالهه جو اشارو ڏنو ته ڊينمارڪ جي حڪومت قرآن پاڪ جي بي حرمتي ??ي مذمت ۽ اهڙي طرح جي واقعن تي ??خت ن??پسنديدگي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت او آءِ سي جي ميمبر ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا ۽ تعاون کي برقرار رکڻ لاءِ ڊنمارڪ جي عزم تي ??ور ڏيندي ان معاملي جي وڏي توجهه سان جاچ ڪري رهي آهي.
ڊينمارڪ جا عملدار قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کڻن: سيڪريٽري جنرل او آءِ سي
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais