نيويارڪ-23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ روس کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو گڏيل قومن جي چارٽر مطابق فوري طور تي پنهنجي فوج يوڪرين مان واپس سڏائي. يوڪرين تي روس جي فوجي چڙهائيءَ کي ٻيو سال شروع ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪ اڳ عالمي اداري پنهنجي يارهين خصوصي هنگامي اجلاس ۾ هڪ نئون ٺ??را??ُ منظور ڪيو آهي، جنهن ۾ يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. جنرل اسيمبليءَ جي 141 ميمبر مل??ن ان ٺ??را??َ جي حق ۾، جڏهن ته 7 مل??ن ۾ ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جن ۾ بيلاروس، جمهوريه ڪوريا، ايري??ير??ا، مالي، نڪارا گوا، روس ۽ شامل آهن. چين، ڀارت ۽ پاڪستان سميت 32 مل??ن راءِ شماريءَ ۾ حصو نه ورتو. 11 پيراگراف تي ٻَڌل ٺ??را??َ ۾ جنرل اسيمبليءَ ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته روس فوري طور تي م??مل ۽ غير مشروط طور تي پنهنجي فوج يوڪرين جي علائقن مان واپس سڏائي ۽ جنگ ختم ڪري. ان ٺ??را??َ ذريعي جنرل اسيمبلي ميمبر مل??ن تي زور ڀريو ته اهي غذائي تحفظ، توانائي، ماليات، ماحوليات ۽ ايٽمي سلامتي ۽ تحفظ تي ان جنگ جي عالمگير اثرن کان بچڻ لاءِ ايڪتا جي جذبي تحت سهڪار ڪن. جٽادار امن جي اهتمام لاءِ انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي جنرل اسيمبلي سمورن ميمبر مل??ن کي اهو به چيو ته اهي انهن اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن ۾ سهڪار ڪن. اجلاس جي شروعات ۾ ان ٺ??را??َ تي بحث ٿيو جنهن ۾ جنرل اسيمبليءَ جي صدر سابا ڪوروشي جو چوڻ هو ته سڄو سال اسيمبلي جا 193 ميمبر، سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي برادري ان جنگ جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي پاسداري ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا ۽ کُليل نموني مطالبو ڪندا رهيا آهن. جنرل اسيمبلي يوڪرين جي عالمي طور تي تسليم ٿيل سرحدن ۽ سامونڊي حدن ۾ ان جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سلامتيءَ سان پنهنجي وابستگيءَ کي ٻيهر توثيق ڪئي. ٺ??را??َ ۾ اهو يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ته عالمي قانونن تحت يوڪرين ۾ انتهائي سنگين ڏوهه جي زمري ۾ آيل قدمن جي آزاد، قومي يا عالمي تحقيقات ۽ قانوني ڪارروائي يقيني بنائي وڃي ته جيئن سمورن متاثرن کي انصاف ملي ۽ مستقبل ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام ممڪن ٿي سگهي. جمعي ڏينهن عالمي اداري بيلاروس طرفان ٺ??را??َ ۾ تجويز ڪيل ٻه ترميمن کي رد به ڪيو. پهرين تجويز مطابق ٺ??را??َ جي ڪيترن ئي شرطن کي تبديل ڪرڻو هو ۽ ٻي شرط تحت اسيمبليءَ کي ميمبر مل??ن کي چوڻو هو ته اهي ٻين ڳالهين کان علاوه جنگ سٽيل علائقي ۾ هٿيار اُماڻڻ کان پاسو ڪن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ يوڪرين جنگ جي فوري خاتمي جو ٺهراءُ منظور
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر