بيجنگ – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايشيا بابت ب??ئو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي آچر ڏينهن چين جي ٻيٽ هينان جي ڏاکڻئي شهر سان يا پهچندو. سرڪاري ذريعن موجب پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ پاور وارو وف??قي وزير اويس احمد لغاري به وزيراعظم سان گڏ هوندا.ايشيا ب??ئو فورم جي سالياني اجل??س کي خطاب کانسواءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۽ ان سان ٻه طرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪندو. وزيراعظم کي 8 کان 11 اپريل تائين منعقد ب??ئو فورم فار ايشيا ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي، هلندڙ سال ب??ئو فورم فار ايشيا جو موضوع ”عظيم خوشحالي لاءِ هڪ آزاد ۽ جدت رکندڙ ايشيا“ رکيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی