رياض – 27 نومبر (اي پي پي )سعودي ڪابينه نئين بج??ٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي و??ي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان گذريل ڏينهن ??ياض ۾ نئين مالي سال 2025ع جي بج??ٽ جي منظوري لاءِ ڪابينه جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪابينه نئين مالي سال لاءِ بج??ٽ جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. نئين بج??ٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 1.18 کرب ريال لڳايو ويو جڏهن ??ه خرچ 1.28 کرب ريال هوندو جنهن ??حت بج??ٽ خسارو 101 ارب ريال لڳايو ويو آهي. سعودي و??ي عهد وزيرن ۽ عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجين صلاحيتن مطابق مُلڪ جي ويزن 2030ع جي سفر ۾ بج??ٽ ۾ شامل ترقياتي ۽سماجي پروگرام حڪمت عملي ۽ منصوبن تي عملدرآمد جو عهد ڪن. هن چيو ته اسان اقتصادي بنياد تي سگهارو بڻائڻ ۽ مملڪت جي مالي حيثيت جي طاقت کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. هن معاشي استحڪام جي مدد ۽ جامع ترقي حاصل ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري فنڊ، نيشنل ڊولپمينٽ فنڊ ۽ ٻين ترقياتي فنڊز جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. اهي انگ اکر سيپٽمبر ۾ ناڻي واري وزارت جي پري بج??ٽ بيان مطابق آهن. جنهن ۾ مالي سال 2024ع جي ڪاٿي جي ڀيٽ ۾ آمدني ۽ خرچ ۾ چار سيڪڙو ۽ خساري ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سعودي عرب جو مجموعي قرض 2025ع ۾ 1.3 کرب ريال تائين پهچڻ جو امڪان آهي جيڪو جي ڊي پي جو 29.9 سيڪڙو جي برابر آهي. نئين بج??ٽ ۾ اهم منصوبن ۽ شعبن تي خرچ کي تيز ڪندي شهرين ۽ رهائشين لاءِ ضروري خدمتن کي برقرار رکڻ کي ترجيع ڏني ويندي.
سعودي ڪابينه نئين بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 101 ارب ريالن جو بجيٽ خسارو ظاهر
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری