ماسڪو -13 مارچ (اي پي پي) روس يوڪرين کي فنڊ ڏيڻ لاءِ روس جي مرڪزي بئنڪ جا منجمد ذخيرا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ و??ري سوئيٽزرلينڊ جي قدم کي ان ملڪ جي سفير ڪرسٽينا مارٽي لينگ کي طلب ڪري احتجاج ڪيو آهي. روسي خابرو اد??ري موجب سوئيٽزرلينڊ وٽ پنهنجن مالياتي ادارن ۾ روس جا 8 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جا ذخيرا منجمد آهن. ملڪ جي پارليامينٽ گذريل هفتي حڪومت کي قانون موجب معاوضي جو ميڪانزم ٺاهڻ و??ري ڪم ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ وارين تحريڪن جي هڪ سيريز جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جنهن جي حمايت ۾ 21 ۽ مخالفت ۾ 19 ووٽ پيا هئا. روس جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو هو ته روس سوئس عملدارن جي انهن قدمن جي شديد مذم?? ڪري ٿو جيڪي رياستي ڇوٽ جي حوالي سان عالمي قانون جي بنيادي اصولن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪن ٿا.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا