رياض-28 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ اندروني ادارن کي منظم ڪرڻ لاءِ قومي فريم ورڪ ۽ ريلوي سسٽم جي ضابط?? جي منظوري ڏني وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس ۾ معذور ماڻهن لاءِ غير سرڪاري ادارن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جا ضابطا مقرر ڪرڻ ۽ خاص ماڻهن لاءِ پيشيور پروگرامن جا ضابطا تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اجلاس جي شروعات ۾ شاهه سلمان کي جمهوريه تاجڪستا?? جي صدر پاران مليل پيغام سميت ملڪ جي ولي عهد ۽ وزيراعظم سان يوڪري?? جي صدر ۽ رشين فيڊريش?? جي وفد جي ملاقات جي حوالي سان پڻ ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته برازيل ۾ ٿيل جي 20 پرڏيهي وزير?? جي اجلاس کان پڻ آگاهي فراهم ڪئي وئي. وزيرن واري ڪائونسل سعودي آئل ڪمپني آرامڪو کي گئس جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان مليل ڪاميابين کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو، ڪابينا عرب گهرو وزير?? جي 41 هين اجلاس جي حوالي سان پڻ مختلف ??عاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. قونصل فلسطين ۽ خاص طور تي غزه پٽي ۽ ا?? جي ڀرپاسي واري انساني صورتحال جي سنگين کي ختم ڪرڻ واري معاملي تي پڻ ڳالهيون ڪيون ۽ اتي وڌندڙ عسڪري ڪاررواين کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو، اجلاس ۾ ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهين کي بهترين قدم قرار ڏنو ويو.اجلاس ۾ صحت واري وزير يا ا?? جي مقرر ڪيل نمائندي کي ترڪمانستا?? جي صحت واري وزارت سان م??اه??تي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو جنهن موجب ٻئي ملڪ دواسازي ۽ صحت جي معاملن ۾ سهڪار ڪندا.
غزه ۾ وڌندڙ عسڪري ڪارروايون امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن: سعودي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ