اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما ڪيس جي پهرين ڏينهن کان اڄ تائين ??زيراعظم ۽ سندس خاندان پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري اعليٰ ۽ تاريخي مثال قائم ڪيو آهي، حسين ??واز جي جي آءِ ٽي پيشي جي موقعي تي تصوير جو ليڪ ٿيڻ غيرمعمولي هو، تصوير پاڻ گواهه آهي ته حسين ??واز انصاف جو منتظر آهي، انصاف جي منتظر وزيراعظم جي پٽ حسين ??واز جي تصوير جي غيرقانوني اشاعت ۽ ان جو طريقيڪار هتڪ آميز ۽ افسوسناڪ آهي ۽ جاچ جي قانوني طريقيڪار جي خ??اف آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته هڪ تسلسل سان غيرمنصفاڻن واقعن مان انتقام جي بوءَ نظر اچي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ شڪ جي فضا جنم وٺي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن