اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ?? دفاعي لاڳاپن ۾ وڌيڪ گ??رائي پيدا ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل، افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان نيوڪليئر سپلائر گروپ جي معاملي ۾ ڀرپور حمايت تي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا. ٻ??هي عال??ي اڳواڻن جي وچ ۾ اهو اتفاق راءِ ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ ٿيو. ٻ??هي اڳواڻڻ پهرين نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، بعد ۾ ٻ??هي ملڪن جا وفد پڻ شامل ٿي ويا. ان موقعي تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولٽ ڪاوس اولو، صدارتي ترجمان ابراهيم ڪالان، ترڪ سفير صديق باربر گرگن، پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ?? ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. جڏهن ته ترڪ صدر کي آجياڻو به ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل