بيجنگ-18 جنوري (اي پي پي) چين چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بريفنگ دوران چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل کان ڪم وٺنديون ۽ ڇِڪتاڻ کان بچنديون. جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون ۽ ڇِڪتاڻ کان بچنديون. ترجمان چيو ته چين هميشه ان ڳالهه تي يقين رک?? ٿو ته ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل ق??من جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي مقصدن ۽ اصولن جي بنيادن تي پرکڻ گهرجي ۽ اسان سمجهون ٿا ته سمورين ڌُرين کي ٻين ملڪن کي آزادي، خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جو ??حت??ام ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان پاڪ??تا?? ۽ ايران وچ ۾ موجوده صورتحال تي تمام گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهيون. ترجمان چيو ته ايران ۽ پاڪ??تا?? ويجها پاڙيسري ملڪ ۽ اثر رسوخ رک??دڙ ملڪ آهن.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: چين
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná