واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ري??ست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي ص??ر ڊونلڊ ٽر??پ کي جنوري 2021ع ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي آمريڪي ص??ارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي ص??ر چيو آهي ته هو ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪندو. انڊپينڊنٽ اردو جي رپورٽ موجب اهو عدالتي حڪم جيڪو رڳو ڪولوراڊو پرائمري بيلٽ تي لاڳو ٿئي ٿو، ڪولوراڊو جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته پينل جي ميمبرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته صدر ٽر??پ کي ري??ست جي آئين جي 14 هين ترميم جي سيڪشن ٽي تحت صدر جي ع??دي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ ڪولوراڊو سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي چونڊ ضابطن تحت صدارتي پرائمري بيلٽ تي اميدوار طور ڊونلڊ ٽر??پ جي داخلا غلط هوندي. عدالتي حڪم موجب ڊونلڊ ٽر??پ 4 جنوري 2024ع تائين ان فيصلي خلاف آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، ڊونلڊ ٽر??پ جي چونڊ مهم جي ترجمان اسٽيون چيونگ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان جلد ئي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ۽ ان شديد غير جمهوري فيصلي کي روڪڻ لاءِ گڏجي درخواست داخل ڪنداسين. هن ڪيس جو فيصلو ڪندڙ ججن تي ڊيموڪريٽس جا مقرر ??يل هجڻ جو الزام لڳايو. هن چيو ته ڊيموڪريٽ پارٽي جي اڳواڻ ڊونلڊ ٽر??پ جي چونڊ ۾ وڌندڙ مقبوليت سبب مايوسي جي حالت ۾ آهي، ان فيصلي تي سينئر ريپبلڪن اڳواڻن طرفان تنقيد به ڪئي وئي جنهن ۾ 2016ع جي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽر??پ جو مخالف سينيٽر مارڪورو بيو به شامل آهي، 2024ع جي ص??ارتي چونڊن ۾ نامزدگي جي ڊور ۾ شامل وويڪ راما سوامي ان کي سياسي مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاءِ چونڊ مداخلت جو حربو قرار ڏنو. هن هڪ بيان ۾ چيو ته هي فيصلو جمهوريت تي حملو آهي.
آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل