جده – 07 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ايئر ل??ئينز (السعوديه) مملڪت ۽ چين وچ ۾ لاڳاپن ک?? مضبوط بڻائڻ جي هڪ اهم قدم طور بيجنگ لاءِ سڌي ريت اڏامون شروع ڪري ڇڏيون آهن. سعودي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي السعوديه ايئر ل??ئينز جي ??يگ??يڪيوٽو چيئرمين ڪيپٽن ابراهيم الڪ??ي چيو آهي، ته اهو قدم 2030ع تائين ساليانو 100 ملين سياحن جو هدف پورو ڪرڻ جي حڪمت عملي جو حصو آهي. هن چيو ته جده ۽ رياض کان بيجنگ لاءِ سڌي ريت اڏامون ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحتي ناتن ک?? هٿي وٺائڻ لاءِ شروع ڪيون ويون آهن. سومر ۽ جمعي تي جده کان بيجنگ لاءِ 2 اڏامون هلايون وينديون جڏهن ته رياض کان به مسافر هر آچر ۽ اربع تي بيجنگ وڃي سگهندا.
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria