واشنگٽن- 30 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته هن يوڪرين کي نئون هٿيارن جو پيڪج فراهم ڪيو آهي جنهن ۾ ان??را سپيٽر ميزائل ۽ توپ خانو شامل آهي. 200 ملين ڊالر ماليت جي امدادي پيڪج ۾ مارٽر گولا، جيولين ۽ ٻي اينٽي ٽينڪ سسٽم لاءِ بارود پڻ شامل آهن. تاس مطابق اها ڳالهه وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي ڪميونيڪشن ايڊوائزر جان ڪربي صحافين سان ڳالهائڻ دوران چئي. هن چيو ته آمريڪا يوڪرين کي هڪ نئون هٿيارن جو پيڪج فراهم ڪيو آهي جنهن ۾ ان??را سپيٽر ميزائل ۽ توپ خانو شامل آهي. هن جو چوڻ هو ته پينٽاگون هڪ اضافي سيڪيورٽي امدادي پيڪج فراهم ڪندو جنهن جو مقصد يوڪرين جي ڊگهي عرصي ??ار?? دفاعي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ آهي، ان پيڪج ۾ يوڪرين جي فضائ?? دفاعي سهڪار لاءِ سامان، ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ۽ ٽينڪ تباهه ڪندڙ هٿيارن سان گڏوگڏ ان سامان جي سار سنڀال به ??امل هوندي جيڪا پهريان ئي آمريڪا ذريعي موڪلي وئي آهي.
يوڪرين کي نئون هٿيارن جو پيڪج فراهم ڪيو آهي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر