رياض -23 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان گادي واري شهر رياض ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول سان ملاقات ڪري ڪيترن ئي م??اهدن تي صحيحيون ڪيون آهن. سعودي خابرو اداري م??ابق ڪوريا جي صدر لاءِ باضابطا سرڪاري استقبال واري تقريب منع??د ڪئي وئي. تقريب ۾ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو ويو، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. بعد ۾ سعودي ولي عهد ۽ ڪوريا جي صدر باضابطا ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ٻه طرفن معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشت نامن تي صحيحيون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شع??ن ۾ سهڪار کي وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جو جائزو ۽ دستياب وسيلن جي ان قسم جي سي??پڪ??ري جي موقعن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ لاڳاپيل معاملن کان علاوه گڏيل مفادن ۽ ان حوالي سان گڏيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو ويو.
سعودي ولي عهد سان ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي ملاقات، ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار